شهدادڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ ايم پي اي مير نادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، سنڌ رڳو نقشي تي ٺهيل زمين جو ٽڪرو ناهي، پر هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ وطن آهي.
شهدادڪوٽ ۾ ِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو واضح پيغام آهي ته سنڌ هڪ آهي ۽ سنڌ هڪ رهندي.
هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي، جيڪو سڀني کي پالي رهيو آهي، جنهن جي وحدت تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول ناهي.
مير نادر مگسي چيو ته پيپلزپارٽي سميت سنڌ جا غيرتمند ماڻهو سنڌ جي ورهاڱي خلاف جمهوري، پرامن ۽ آئيني جدوجهد تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا.