ليڊز ٽيسٽ: پاڪستان کي انگلينڊ هٿان اننگز ۽ 103 رنسن تان شرمناڪ شڪست

ليڊز (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ سرسي حاصل ڪري ورتي.
هيڊنگلي ليڊز ۾ کيڏيل ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ پاڪستان کي ٻي اننگز ۾ 135 رنسن تي آل آئوٽ ڪري ڇڏيو.
پاڪستان پهرين اننگز ۾ 171 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته انگلينڊ 409 رنسون ٺاهي پاڪستان خلاف 238 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي هئي.
پاڪستان جي ٻي اننگز ۾ محمد رضوان 41 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته شان مسعود 29، عبدالله شفيق 15، سعود شڪيل 14 ۽ علي عثمان 7 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ جي بالنگ ۾ اولي رابنسن، جوش ٽنگ ۽ جوفرا آرچر 3،3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته گس ايٽڪنسن جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.
انگلينڊ جي پهرين اننگز ۾ هيري بروڪ 91، جورڊن ڪاڪس 73، جو روٽ 66، ڊين لارنس 51 ۽ ايميليو گي 33 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان علي عثمان 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته خرم شهزاد 3 ۽ محمد عباس ۽ محمد علي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستان جي پهرين اننگز ۾ عبدالله شفيق 61 ۽ امام الحق 42 رنسن سان نمايان رهيا، پر ٻيا بيٽر انگلينڊ جي بالرن آڏو ٽڪي نه سگهيا ۽ ٽيم 171 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
انگلينڊ جي اولي رابنسن کي شاندار بالنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like