سون اڄ به هزارين رپيا مهانگو، تولو 4 لک 77 هزار کان ٽپي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 5200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 77 هزار 136 رپين جو ٿي ويو.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 4 هزار 558 رپيا واڌ سان 4 لک 9 هزار 67 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس 52 ڊالر وڌي 4547 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like