اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي وڪيل ۽ پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا جو چوڻ آهي ته عمران خان جي ڀينرن جي پريس ڪانفرنس سپريم ڪورٽ کي ڪرايل خاطري جي ڀڃڪڙي ناهي.
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته هڪ ڳالهه اها ڪئي پئي وڃي ته ڀينرن جي پريس ڪانفرنس سپريم ڪورٽ کي ڏنل انڊرٽيڪنگ جي ڀڃڪڙي آهي، اها ڳالهه بلڪل غلط آهي.
هن چيو ته هلندڙ هفتي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ کانئس سوال ڪيو هو ته اسپتال ۾ پيش ڪيو ويندڙ ميڊيڪل رڪارڊ تي ڇا هو سياست ڪندا؟
سلمان اڪرم راجا موجب، اسان رڳو اها انڊرٽيڪنگ ڏني هئي ته ميڊيڪل رڪارڊ صرف خاندان ۽ ذاتي ڊاڪٽرن وٽ رهندو، سياسي جماعت جو ان سان ڪو تعلق ناهي ۽ اسان ان تي ڪا سياست نه ڪنداسين.
هن چيو ته عدالت کي ڪرايل خاطري جي ڪا به ڀڃڪڙي ناهي ڪئي وئي.
عمران خان جي وڪيل وڌيڪ چيو ته ڪو رڪارڊ پيش ئي نه ٿيو آهي، اهو ميڊيڪل بورڊ به ناهي ٺهيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر عظميٰ کي شامل ٿيڻو هو.
عمران خان جي ڀينرن جي پريس ڪانفرنس سپريم ڪورٽ کي ڪرايل خاطري جي ڀڃڪڙي ناهي: سلمان اڪرم راجا
You might also like