غيرقانوني پبلڪ سروس گاڏين جا روٽ پرمٽ معطل ۽ لائسنس رد ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڊجيٽل روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هلندڙ پبلڪ سروس گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سمورين پبلڪ سروس گاڏين جي ڊجيٽل روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ جي تصديق ڪئي ويندي، جڏهن ته بنا اجازت ۽ فٽنيس جي هلندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ مڙهي سندن روٽ پرمٽ معطل ۽ لائسنس رد ڪيو ويندو، جڏهن ته بار بار قانون ٽوڙيندڙ آپريٽرز کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته حفاظتي گهرجون پوريون نه ڪندڙ گاڏين کي روڊن تي هلڻ جي اجازت نه هوندي.

You might also like