اسپانٽڪ چوٽي سر ڪندڙ پاڪستاني جبل چاڙهو اسما مشتاق حياتي وڃائي ويٺي

گلگت (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني جبل چاڙهو اسما مشتاق 7 هزار 27 ميٽر بلند اسپانٽڪ چوٽي ڪاميابي سان سر ڪرڻ کانپوءِ واپسي دوران حياتي وڃائي ويٺي.
اسما مشتاق پنهنجي گائيڊ علي اڪبر سان گڏ اسپانٽڪ چوٽي سر ڪئي، پر واپسي دوران کيس هاءِ آلٽي ٽيوڊ سڪنس ٿي وئي، جنهن سبب هن دم ڏئي ڇڏيو.
اسما مشتاق جي لاڏاڻي تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي وئي.

You might also like