اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو حال ۽ مستقبل هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ هميشه ڳنڍيل رهندو، رياست جي مضبوط، پرعزم ۽ فيصلائتي ردعمل سان ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير بلوچستان جي اهم شخصيتن ۽ سياسي قيادت سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو حال ۽ مستقبل هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندو، بلوچستان باصلاحيت، ثابت قدم، محب وطن ۽ باوقار عوام سان مالامال آهي، جڏهن ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ صلاحيت ۽ موقعن جي ڪا کوٽ ناهي.
چيف آف ڊفينس فورسز چيو ته قوم جي گڏيل عزم ۽ رياست جي مضبوط ۽ فيصلائتي ردعمل ذريعي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف ڊفينس فورسز چيو ته ٻاهرين سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ پراڪسي عنصرن کي بلوچستان ۾ بدامني پيدا ڪرڻ، صوبي جي ترقي جي عمل ۾ خلل وجهڻ ۽ رياست ۽ عوام وچ ۾ ويڇو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
فيلڊ مارشل عاصم منير نوجوانن کي معاشري جو سڀ کان سرگرم ۽ اميد جوڳو طبقو قرار ڏيندي چيو ته رياست جي مضبوط، پرعزم ۽ فيصلائتي ردعمل سان ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو.
You might also like