اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم 12 ربيع الاول جي عام موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو ڪابينا ڊويزن طرفان باظابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 26 آگسٽ، اربع ڏينهن، سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي.