لنڊن (ويب ڊيسڪ) هيڊنگلي ۾ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ جي شروعاتي ٻن ڏينهن دوران پاڪستان جي خراب ڪارڪردگي تي انگلش ميڊيا ۽ ڪرڪيٽ پنڊتن سخت تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته ”دي ٽيليگراف“ پاڪستان کي ”50 سالن جي بدترين ٽيسٽ ٽيم“ قرار ڏئي ڇڏيو.
رپورٽ موجب، هيڊنگلي ۾ پاڪستان جي بالنگ ۾ حقيقي رفتار نظر نه آئي ۽ بالنگ بي اثر محسوس ٿي، جڏهن ته فيلڊنگ پڻ اعتماد جوڳي نه رهي.
اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان پاڪستان کي ”انگلينڊ جو دورو ڪندڙ سڀ کان ڪمزور ٽيم“ قرار ڏيندي چيو ته ميزبان ٽيم کي بنا ڪنهن مزاحمت جي سيريز 3-0 تان کٽڻ گهرجي.
برطانوي اخبار ”دي ٽيليگراف“ ان کان به سخت تبصرو ڪندي لکيو ته ”هي پاڪستان جي 50 سالن جي بدترين ٽيم آهي.“
سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان مداحن جا مختلف ردعمل سامهون آيا.
ڪجهه واهپيدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي تنقيد کي درست قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پيدا ٿيل افراتفري سبب ٽيم جو زوال شروع ٿيو.
هڪ ٻئي واهپيدار ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميا تي تنقيد ڪندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي گهرو وزارت حوالي ڪرڻ کانپوءِ ٽيم جي زوال جي شروعات ٿي.
ان باوجود ڪجهه واهپيدارن انگلش ميڊيا جي سخت تنقيد کي رد ڪندي چيو ته رڳو ٻن ڏينهن جي ڪرڪيٽ کانپوءِ ڪنهن ٽيم کي ”50 سالن ۾ انگلينڊ جو دورو ڪندڙ بدترين ٽيم“ قرار ڏيڻ وقت کان اڳ ۽ تڪبراڻو تبصرو آهي، خاص طور تي انگلينڊ جي پنهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي گذريل اٺن مهينن جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي.
هڪ ٻئي واهپيدار انگلش ميڊيا تي منافقت جو الزام لڳائيندي چيو ته انگلينڊ جي پنهنجي هوم گرائونڊ ڪارڪردگي به تازو بهتر نه رهي آهي.
هڪ پاڪستاني صارف ٽيم جي خراب صورتحال کي ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظامي معاملن سان ڳنڍيندي چيو ته ڪرڪيٽ ٽيم ۽ بورڊ ۾ مقرريون سفارشن ۽ پسند ناپسند جي بنياد تي ٿين ٿيون، تنهن ڪري موجوده صورتحال حيران ڪندڙ ناهي، پر پاڪستاني ڪرڪيٽ مداحن لاءِ ڏکوئيندڙ ضرور آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رڳو ٻن ڏينهن جي ڪرڪيٽ کانپوءِ ڪنهن دوري ڪندڙ ٽيم کي اڌ صدي جي بدترين ٽيم قرار ڏيڻ يقيني طور سخت تبصرو آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي پنهنجي غير مستقل ڪارڪردگي بابت مداحن جا اعتراض پڻ غور طلب آهن.
ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ٽيمون خراب شروعات کانپوءِ شاندار واپسي ڪري چڪيون آهن، تنهن ڪري هڪ يا ٻن ڏينهن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي تاريخي فيصلا ڪرڻ مناسب ناهي.
ان باوجود پاڪستان جي ڪارڪردگي تي ٿيندڙ بنيادي تنقيد کي مڪمل طور رد ڪرڻ به ڏکيو آهي.
هيڊنگلي ۾ شرمناڪ ڪارڪردگي، انگلش ميڊيا پاڪستان کي ”50 سالن جي بدترين ٽيسٽ ٽيم“ قرار ڏئي ڇڏيو
Prev Post
عمران خان جو پمز اسپتال ۾ طبي معائنو ٿيو، صحتمند قرار ڏيڻ کانپوءِ اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو: عطا تارڙ
Next Post
You might also like