عمران خان جو پمز اسپتال ۾ طبي معائنو ٿيو، صحتمند قرار ڏيڻ کانپوءِ اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو: عطا تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پمز اسپتال ۾ طبي معائني ۽ واپس اڊيالا جيل موڪلڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته قيدي کي 20 ۽ 21 آگسٽ جي وچ واري رات حفاظتي انتظامن تحت اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اکين ۽ دل جي ماهر ۽ فزيشن سميت مستند ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان شفا اسپتال جي رستي ۽ ٻاهران جيڪا سيڪيورٽي صورتحال پيدا ڪئي وئي، ان کي نظر ۾ رکندي عمران خان کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي شفا اسپتال جا ڊاڪٽر پڻ موجود هئا.
وفاقي وزير موجب، ڊاڪٽرن عمران خان کي طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو، جڏهن ته سندس ڀيڻ عظميٰ خان علاج جي سمورن مرحلن دوران موجود رهي.
عطا تارڙ چيو ته طبي معائني کانپوءِ عمران خان کي 21 آگسٽ جي صبح 5 وڳي واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.
سڌ سماءُ واري وزير جو چوڻ هو ته عمران خان کي اڳ به طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون رهيون آهن ۽ هاڻي به جڏهن کيس ضرورت پوندي ته طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اربع ڏينهن ڏنل فيصلي ۾ عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like