ماهرا ۽ فهد مصطفيٰ جا نالا سنڌ حڪومت طرفان قومي ايوارڊ لاءِ تجويز ڪرڻ باوجود وفاقي سرڪار نظر انداز ڪري ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ناليوارن فنڪارن اداڪارا ماهرا خان ۽ فهد مصطفيٰ کي هلندڙ سال به قومي نه ڏيڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي.
ماهرا خان ۽ فهد مصطفيٰ جو ڳاڻيٽو پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي نمايان ستارن ۾ ٿئي ٿو.
ٻئي فنڪار ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۽ ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪا آهن ۽ کين ملڪي توڙي عالمي سطح تي مختلف اعزاز پڻ ملي چڪا آهن، تنهن هوندي به کين اڃا تائين قومي سطح جي اعزاز سان نه نوازيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، هلندڙ سال به قومي اعزازن جي فهرست ۾ ماهرا خان ۽ فهد مصطفيٰ جا نالا شامل نه هئا، جڏهن ته سندن همعصر ۽ ڪجهه جونيئر اداڪارن، جن ۾ مهوش حيات ۽ سجل علي شامل آهن، قومي اعزاز ماڻي چڪا آهن.
ان ڏس ۾ سنڌ جي ثقافت واري وزير ذوالفقار علي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته صوبائي حڪومت طرفان ماهرا خان ۽ فهد مصطفيٰ جا نالا قومي اعزاز لاءِ تجويز ڪيا ويا هئا، پر وفاقي حڪومت کين اعزاز ڏيڻ جي منظوري نه ڏني.
اهو بيان ان موقعي تي سامهون آيو، جڏهن فهد مصطفيٰ جو والد ۽ ليجنڊري اداڪار صلاح الدين تونيو پڻ تقريب ۾ موجود هو.
انڪشاف کانپوءِ سوشل ميڊيا تي واهپيدارن طرفان مختلف ردعمل سامهون اچي رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدارن ماهرا خان ۽ فهد مصطفيٰ کي قومي اعزاز جا حقدار قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻئي اداڪار پاڪستاني شوبز جا وڏا ستارا آهن ۽ کين اهو اعزاز ملڻ گهرجي.
You might also like