حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊيو چيو آهي ته سنڌ ۾ خراب، نااهل، ڪرپٽ ۽ اقربا پرور حڪمراني هڪ حقيقت آهي، پر ان کي بنياد بڻائي سنڌ جي ورهاڱي، قدرتي وسيلن ۽ آئيني خودمختياري تي راتاهن جا جواز پيش ڪرڻ وارو بيانيو غلط ۽ ورغلائيندڙ آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ جامي چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ خراب حڪمراني تي الڳ تنقيد ٿيڻ گهرجي، پر اهو بيانيو بلڪل غلط ۽ گمراهه ڪندڙ آهي ته سنڌ جي ورهاڱي، قدرتي وسيلن ۽ آئيني خودمختياري تي راتاهن جا جواز سنڌ جي خراب حڪمراني آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙو موقف انهن بد نيت قوتن کي هٿي ڏيندڙ آهي.
سنڌ ۾ خراب ۽ ڪرپٽ حڪمراني حقيقت آهي، پر ان کي سنڌ خلاف سازشن جو جواز نٿو بڻائي سگهجي: جامي چانڊيو
Prev Post
You might also like