سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جي کپي

غلام حسين لغاري

پ پ پ جي چيئرمن  بلاول ڀٽو جي قومپرستن بابت ڏنل بيان ۽ قومپرست ڌرين پاران ان تي ڏيکاريل ردعمل بعد سنڌ جو عام ماڻهو شش و پنج ۾ آهي ته سنڌ آخر ڪيڏانهن پئي وڃي ۽ ڌرين جي بي وقتي بيان بازي جا اڳتي هلي ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟ ڌرين جا بيان ۽ ردعمل ان وقت آيا آهن جڏهن سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ نون صوبن ٺاهڻ جو ڌمچر متل آهي۔ سنڌ ۽ سنڌين جا مخالف چڙ ڏياريندڙ بيان ڏئي سنڌ ۾ لساني جنگ وڙهڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن جن کي پنهنجو نه پر ٻين جو عقل آهي۔ خدا نه ڪري ڪا لساني جنگ ڇڙي ته ان جا هن ڀيري اگرا نتيجا به نڪري سگهن ٿا جنهن کان بچڻ گهرجي۔

جنهن جو ڪير به ناهي هوندو ان جو خدا هوندو آهي۔ ڀلي سنڌ جو ڪو به ڌڻي سائين نه هجي، ان جو خدا خود ڌڻي سائين آهي، ان کي ڪو به لهر لوڏو ناهي نه وري ٿيندو پر اهو يقين رکو ته سنڌ نبين، پيرن، فقيرن، اوليائن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي؛ جيستائين هن دنيا جو وجود آهي سنڌ ڌرتي قائم و دائم رهندي۔ اسان هجون نه هجون پر اسان جو ايندڙ نسل در نسل هن ڌرتيءَ جي مالڪي ضرور ڪندو۔ سنڌ گدڙن اڃا ناهي کاڌي۔

حقيقت اها آهي ته سنڌ کي نقصان رسائڻ وارا پراوا ۽ ڌاريا گهٽ آهن، پنهنجن ئي سنڌ کي ڪاپاري نقصان پهچايو آهي ۽ پهچائي رهيا آهن جنهن ۾ وڏو هٿ سنڌ ۾ چور دروازن کان آيل وڏيرڪي اولاد، ڪامورن، وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جو آهي جن سنڌ کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي۔ ادارن ۾ بدعنواني ۽ ڪرپشن عروج تي آهي، عام ماڻهو لتاڙجي پيو۔ عدالتون به بيوس آهن، اهي انصاف ڏيڻ چاهين ٿيون پر اسان خود آئين ۾ هٿ وٺي ترميمون آڻي انهن کي ڪمزور ڪيو آهي جو جج به خوفزده ٿي انصاف کان هٽي ڪري فيصلا ڪن ٿا۔

مجبور ۽ مالي حالتن کان ڪمزور ماڻهو وڪيلن جون ڳريون فيون ڀري نٿا سگهن، جي ڀرين به ٿا ته ڪي اهڙا وڪيل به آهن جيڪي اڳواٽ پئسا مؤکلن کان ڪڍي پوءِ نٽائيندا وتندا جن جي احتساب جا رستا به آهن پر بيوس ۽ ڪمزور ڪيترو وڪيلن پويان ڀڄندا رهندا؟ جنهن لاءِ بار ڪائونسلن کي سياست کان هٽي ڪري پنهنجو اثرائتو عوامي ڪردار نڀائڻو پوندو۔

سنڌ مان سياست جو وجود ۽ ان جا اصول ختم ٿي چڪا آهن۔ سنڌ ظالم سردارن، وڏيرن، ڌاڙيلن، اغواڪارن ۽ راشي حڪمرانن جي گاديءَ جو هنڌ بڻجي چڪي آهي۔ عدالت کان مٿاهان قتل ٿي رهيا آهن، پوليس انعام اڪرام حاصل ڪرڻ لاءِ هاف ۽ فل فرائي جهڙا ڊراما رچائي خون وهايو پيو وڃي جنهن ۾ بيگناهه به مارجي وڃن ٿا ۽ ماريندڙ قانون ۽ سزا کان بچي وڃن ٿا۔

خدا نه ڪري جو سنڌ ٽٽي ۽ الڳ صوبا ٿين۔ جيڪڏهن صوبا ٺهن ٿا ته سردارن ۽ وڏيرن کي ئي اقتدار جو موقعو ملندو، کين پنهنجي پنهنجي رياست الڳ ٿي ملندي ۽ اهي سردار ۽ وڏيرا احتجاجن ۽ ڌرڻن خلاف اڳيان اڳيان هوندا۔ اڃا صوبا ٺهيا ناهن، رڳو واءُ گهليو آهي ته احتجاج ۽ مظاهرا ڪندڙن کي گرفتار ڪري کين جيلن ۾ وڌو ۽ مٿانئس تشدد ڪيو پيو وڃي۔ احتجاجي جلسن جي اجازت نٿي ملي، جيڪو سنڌ واسين کي هڪ قسم جو پيغام آهي ته صوبا ٺهندا۔ پ پ پ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي جيڪا سنڌ ۾ 17 سالن کان اقتدار ۾ رهي آهي، هن کان اڳ وفاق ۾ به چار ڀيرا اقتدار ۾ رهي چڪي آهي ۽ عوامي حڪومت هجڻ جي دعويٰ ڪندي پئي اچي، پوءِ به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو مايوس هجن، نوجوانن لاءِ نوڪريون ۽ روزگار نه هجي، ميرٽ جي لتاڙ هجي، ماڻهن کي انصاف نه ملي، سندن ملڪيتن تي قبضا ٿين، سنڌ جا اثاثا وفاق حوالي هجن ته اهڙي صورت ۾ سنڌ ڪيئن ٿي ترقي ڪري سگهي؟

سو سنڌ ۽ ان جي بقا لاءِ سوچڻ گهرجي، سنڌ جي پورهيت ۽ مايوسين جو شڪار ٿيل ماڻهن لاءِ سوچڻ گهرجي، سنڌ آهي ته اسان سنڌي به هونداسين۔ سنڌ سدائين ارغونن، فرنگين سميت ٻاهرين جي ظلمن ۽ زيادتين جو شڪار رهي آهي۔ سنڌ کي هوشو، هيمون ۽ پير سائين پاڳارو شهيد صبغت الله شاهه جهڙا ڪردار گهرجن جن ارغونن ۽ فرنگين سان مهاڏو اٽڪايو، نه صرف سنڌ بچائي پر پاڪستان جي قيام لاءِ به قربانيون ڏنيون۔ بهرحال، هي وقت نفرتن پکيڙڻ ۽ نفرتن تي ٻڌل بيان بازي ۽ الزام تراشي ڪرڻ جو ناهي۔ سنڌ امن ۽ پيار محبت جي زمين آهي جنهن جي بقا ۽ مالڪي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ، امن ۽ ڀائيچاري واري فضا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي۔

You might also like