يوٽيوب وڊيوز جا ويوز ڳڻڻ جي طريقيڪار ۾ اهم تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪريئيٽرز کي پنهنجي وڊيوز تي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويوز نظر اچڻ جو امڪان آهي.
نئين نظام تحت 24 آگسٽ کان يوٽيوب تي ڪنهن به وڊيو جو ويو ان وقت ڳڻيو ويندو، جڏهن وڊيو هلڻ شروع ٿيندي. اهو ساڳيو طريقو آهي، جيڪو گذريل سال يوٽيوب شارٽس لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو، جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام جهڙا ٻيا پليٽ فارم به اهڙي نوعيت جو طريقو استعمال ڪن ٿا.
يوٽيوب موجب، ڪريئيٽرز پاران اهڙو هڪجهڙو نظام متعارف ڪرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي، جنهن سان ويوز جي مختلف پيمائشن سبب پيدا ٿيندڙ مونجهارو ختم ٿئي ۽ وڊيوز جي گڏيل پهچ جو وڌيڪ درست اندازو لڳائي سگهجي.
هن تبديلي کان اڳ يوٽيوب تي ڊگهي مدي واري وڊيو جو هڪ ويو ڳڻجڻ لاءِ ضروري هو ته واهپيدار گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪنڊن تائين وڊيو ڏسي.
تنهن هوندي به، يوٽيوب واضح ڪيو آهي ته ’اينگيجد ويوز‘ جو هاڻوڪو ميٽرڪ ختم نه ڪيو ويندو. ڪريئيٽرز يوٽيوب اينالٽڪس جي ايڊوانسڊ موڊ ۾ هن ميٽرڪ کي اڳ وانگر ڏسي سگهندا.
نئين نظام جي نتيجي ۾ وڊيو جا گڏيل ويوز وڌي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ، ڪريئيٽرز لاءِ ناظرين جي حقيقي دلچسپي ۽ وڊيو ڏسڻ جي دورانيي جو جائزو وٺڻ لاءِ اينالٽڪس جا ٻيا ميٽرڪس پڻ اهم رهندا.