عمران خان جي اسپتال مان بني گالا منتقلي! صحت کان وڌيڪ رويي ۾ تبديلي جو خاموش مطالبو

ڪراچي(عامر الياس راڻا) عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت جاري بحث ظاهري طور سندس صحت ۽ طبي ضرورتن سان لاڳاپيل نظر اچي ٿو، پر هن معاملي جي پٺيان اصل موضوع عمران خان جي صحت کان وڌيڪ سندس رويي سان ڳنڍيل آهي.

بااثر حلقن طرفان هڪ خاموش مطالبو سامهون آيو آهي ته امڪاني رليف جي بدلي عمران خان کي پنهنجي سياسي رويي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، جڏهن ته هن معاملي ۾ 2 ڊسمبر تي ڊاڪٽر عظميٰ جي عمران خان سان ملاقات کانپوءِ سامهون آيل تڪراري ٽوئيٽ هڪ اهم رڪاوٽ بڻجي سامهون آيو هو.

ڄاڻايل ٽوئيٽ ۾ فيلڊ مارشل سميت پوري فوج کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن کانپوءِ ذريعن موجب ملاقاتن جو سلسلو روڪيو ويو هو.

عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ به لازمي هوندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر عظميٰ جي شموليت کانسواءِ اهو عمل مڪمل نٿو ٿي سگهي.

جيڪڏهن عمران خان جو رويو هاڪاري رهي ٿو ۽ سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جون ڪوششون جاري رهن ٿيون ته اسپتال منتقلي کي کيس بني گالا منتقل ڪرڻ ڏانهن هڪ شروعاتي قدم طور ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته في الحال عمران خان کي لنڊن روانو ڪرڻ بابت ڪا مضبوط ضمانت يا حتمي فيصلو موجود ناهي.

بيرسٽر گوهر ۽ عمران خان جي ڀيڻ جيل سپرنٽنڊنٽ کي اها خاطري پڻ ڪرائي آهي ته ملاقاتن دوران ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي ۽ نه ئي ملاقات کانپوءِ اهڙو ڪو پيغام ٻاهر موڪليو ويندو، جنهن سان سياسي انتشار يا ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿئي.

ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اندروني حلقن ۾ بيرسٽر گوهر هن وقت نمبر ون برج مطلب پارٽي ۽ ٻين حلقن وچ ۾ مرڪزي رابطيڪار طور سامهون آيو آهي، جڏهن ته پارٽي اندر موجود اختلاف ۽ گڏيل ڇڪتاڻ پڻ بدستور نمايان آهي.

ان حوالي سان جيل ۾ پيش آيل هڪ واقعو پڻ سياسي حلقن ۾ بحث هيٺ آهي، جتي بيرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

بيرسٽر گوهر سلمان اڪرم راجا کي سندس هڪ پراڻي ٽوئيٽ تي ٽوڪيو، جنهن ۾ سهولتڪاري جو الزام لڳايو ويو هو، ۽ کانئس سوال ڪيو ته اڄ توهان ڪهڙي ڪئنال يا ريفرنس سان هتي آيا آهيو؟ هن واقعي پارٽي اندر موجود اختلافن ۽ ڪجهه اڳواڻن وچ ۾ وڌندڙ وٿي کي وڌيڪ نمايان ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي ڳالهين لاءِ امڪاني رستا ڳولڻ خاطر عمران خان جي سامهون پنج نالا تجويز ڪيا ويا هئا، جن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، رانا ثناءُ الله ۽ اياز صادق سميت ٻيون اهم سياسي شخصيتون شامل هيون.

عمران خان جو انهن نالن ۽ ڳالهين جي تجويز تي شروعاتي ردعمل سخت هو، تنهن هوندي به هاڻوڪي سياسي حالتن ۽ تبديل ٿيندڙ سياسي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي هاڻي ڳالهين جو رستو ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ مختلف حلقن ۾ ڳالهين جي امڪانن تي غور ڪيو پيو وڃي.

سياسي حلقن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ان دعويٰ کي پڻ اهميت ڏني پئي وڃي ته هاڻوڪي سياسي نظام 2029ع تائين برقرار رهندو.

جيتوڻيڪ سياسي راهدارين ۾ اهي افواهه پڻ گردش ڪندا رهيا آهن ته محسن نقوي پاڻ قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهي مستقبل ۾ وزيراعظم جو اميدوار بڻجڻ چاهي ٿو، تنهن هوندي به هاڻوڪي صورتحال ۾ سياسي نظام جي بنيادي ضرورت شهباز شريف جي حڪومت جي استحڪام کي قرار ڏنو پيو وڃي.

اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت هن وقت هڪ صفحي تي نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته هاڻوڪي سياسي منظرنامي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ پڻ اها ضرورت وڌندي پئي وڃي ته اها رڳو احتجاجي سياست تي ڀاڙڻ بدران پارلياماني ڪميٽين، ڳالهين ۽ موجوده سياسي نظام جو حصو بڻجي پنهنجي لاءِ سياسي رستو ڳولي.

تنهن هوندي به عمران خان جي پرڏيهه روانگي، خاص طور تي لنڊن منتقلي، بابت في الحال ڪا حتمي اڳڀرائي يا قابلِ اعتماد ضمانت سامهون نه آئي آهي، تنهنڪري هاڻوڪي صورتحال ۾ اصل ڌيان امڪاني اسپتال منتقلي، سياسي رويي ۾ تبديلي ۽ ڳالهين لاءِ پيدا ٿيندڙ گنجائش تي فوڪس نظر اچي رهيو آهي.

You might also like