ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسڪول تعليم کاتي ۾ 16 گريڊ جي 6 جعلي سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي نئين ڀرتين جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو.
اسڪول تعليم کاتي لکت ۾ جعلسازي جو انڪشاف ڪيو آهي، جڏهن ته جعلي ڀرتي ٿيل استادن کي پرسنل آءِ ڊي به الاٽ ڪئي وئي.
اسڪول تعليم کاتي جي آءِ ٽي سيڪشن جعلي آفر آرڊر تي بار ڪوڊ پڻ لڳائي ڇڏيو، جڏهن ته آءِ ٽي سيڪشن جعلي بار ڪوڊ کان پوءِ جعلي آءِ ڊي به الاٽ ڪئي.
اسڪول تعليم کاتي 6 استادن جي ڀرتين کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
جعلي استادن کي ميرپورخاص ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو، جنهن تي اسڪول تعليم کاتي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي خط موڪلي ڇڏيو.
خط سيڪشن آفيسر سيڪنڊري-3 جي صحيح سان موڪليو ويو آهي.
خط ۾ جعلي استادن جون پگهارون بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جعلي استادن کان ورتل پگهارون واپس ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي.
جعلي استادن ۾ فهد علي، انيل ڪمار، شاهه رخ خان، زاهد علي، ارشد علي ۽ عابده پروين شامل آهن.
اسڪول تعليم کاتي جعلي استادن جون پرسنل آءِ ڊيز بلاڪ ڪري ڇڏيون آهن.
شاهه رخ خان ۽ عابده پروين سميت 6 ڄڻن جي سنڌ جي اسڪولن ۾ جعلي استاد طور ڀرتين جو انڪشاف
You might also like