لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ناصر حسين پاڪستاني بيٽنگ لائن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني رانديگرن جو ڪوالٽي بالنگ اڳيان تجربي جي کوٽ جو پول پڌرو ٿي ويو آهي.
هيڊنگلي ٽيسٽ ميچ دوران ڪامينٽري باڪس ۾ تجزيو ڪندي ناصر حسين چيو ته پاڪستاني بيٽر اولي رابنسن ۽ جوش ٽونگ جي سوئنگ بالنگ اڳيان مڪمل طور تي بيوس نظر آيا.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ٽيم کي هن ميچ ۾ بابر اعظم جي سخت کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.
اڳوڻي ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر دنيش ڪارٿڪ ناصر حسين جي ڳالهه سان اختلاف ڪندي چيو ته بابر اعظم گذريل 4 کان 5 سالن کان انگلينڊ لاءِ ڪو وڏو خطرو نه رهيو آهي.
دنيش ڪارٿڪ چيو ته جڏهن ڪو ايشيائي رانديگر انگلينڊ جهڙين پرڏيهي پچن تي کيڏندو آهي ته اتي سوئنگ ٿيندڙ بالز خلاف ٽيڪنيڪ جو وڏو امتحان هوندو آهي.
ڪارٿڪ عبدالله شفيق کي محنت ۽ ٽيڪنيڪ بهتر ڪرڻ جو هڪ بهترين مثال قرار ڏنو ۽ چيو ته هو اهڙو بيٽر آهي، جنهن کي ڏسڻ ۾ مزو ايندو آهي.
You might also like