ڪراچي: جناح اسپتال ۾ بيڊ نه ملڻ سبب عورت ۽ نئون ڄاول ٻار فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ بيڊ نه ملڻ سبب عورت ۽ سندس نون ڄاول ٻار جي مبينا فوتگي واري واقعي تي جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

حڪام موجب، عورت گيسٽرو وارڊ ۾ ٻار کي جنم ڏنو، جنهن کانپوءِ عورت ۽ سندس ٻئي ڄاول ٻار فوت ٿي ويا.

گيسٽرو وارڊ جي ڊاڪٽرن الزام هنيو آهي ته گائني وارڊ ۾ بيڊ خالي هجڻ باوجود عورت کي بيڊ فراهم نه ڪيو ويو.

اسپتال انتظاميا موجب، متاثر عورت کي گيسٽرو جي تڪليف سبب گائني وارڊ مان گيسٽرو وارڊ منتقل ڪيو ويو هو.

جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سلمان چيو آهي ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

You might also like