گردن جي دائمي بيمارين سبب سڄي دنيا ۾ موت واقع ٿيڻ جو اهو نائون وڏو سبب آهي، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها به آهي جو ان جا 50 سيڪڙو ڪيس سڃاڻپ کان رهجي وڃن ٿا.
هڪ اندازي موجب سڄي دنيا ۾ هر ڏهن مان هڪ ماڻهو گردن جي دائمي بيمارين ۾ مبتلا آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جسم اندر پاڻي ۽ ٻيا مادا گڏ ٿيڻ لڳن ٿا.
پر انهن بيمارين کان بچاءُ ممڪن آهي ۽ ٻن وٽامنز جو استعمال گردن جي بيمارين کان تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿو.
اهڙي ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
جرنل فرنٽيئرز ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻن بي وٽامنز جو استعمال دل، گردن ۽ ميٽابولزم سان لاڳاپيل سي ڪي ايم (CKM) سنڊروم کان تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿو.
تحقيق دوران 14 هزار کان وڌيڪ اهڙن ماڻهن جي صحت ۽ غذائي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو، جيڪي سي ڪي ايم سنڊروم کان متاثر هئا.
تحقيق ۾ 6 بي وٽامنز، جن ۾ بي 1، بي 2، بي 3، بي 6، بي 12 ۽ فوليٽ شامل آهن، انهن جا گردن، دل ۽ ميٽابولزم تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو.
محققن سي ڪي ايم سنڊروم جي سنگين مرحلن تي انهن وٽامنز جي اثرن جو پڻ جائزو ورتو.
تحقيق ۾ شامل ماڻهن کان سندن خوراڪ بابت تفصيل حاصل ڪيا ويا ۽ اهو معلوم ڪيو ويو ته هو هر بي وٽامن ڪيتري مقدار ۾ استعمال ڪن ٿا.
ان کانپوءِ 323 ماڻهن تي ٻڌل هڪ الڳ گروپ ۾ ان ڊيٽا جو مقابلو ڪيو ويو.
محققن معلوم ڪيو ته جيڪي ماڻهو وٽامن بي 2 ۽ بي 6 وڌيڪ مقدار ۾ استعمال ڪن ٿا، انهن ۾ سي ڪي ايم سنڊروم ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو.
تحقيق موجب جيڪي ماڻهو وٽامن بي 2 وڌيڪ مقدار ۾ استعمال ڪن ٿا، انهن ۾ سي ڪي ايم سنڊروم جي سنگين شدت جو خطرو 27 سيڪڙو، جڏهن ته وٽامن بي 6 جي وڌيڪ استعمال سان اهو خطرو 26 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو.
ٻين بي وٽامنز جي استعمال سان سي ڪي ايم سنڊروم جي خطري ۾ ڪا خاص نمايان گهٽتائي نظر نه آئي.
وٽامن بي 2 ۽ بي 6 جسم جي مختلف عملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جن ۾ خوراڪ کي جسم لاءِ قابلِ استعمال توانائي ۾ تبديل ڪرڻ پڻ شامل آهي.
اهي ٻئي وٽامنز جسم کي آڪسائيڊيٽو دٻاءَ ۽ سوزش کان به تحفظ فراهم ڪن ٿا، جڏهن ته اهي ٻئي عنصر دل، گردن ۽ ميٽابولزم سان لاڳاپيل مسئلن جو خطرو وڌائي سگهن ٿا.
تحقيق ۾ ان ڳالهه جو حتمي سبب معلوم نه ٿي سگهيو، پر محققن جو چوڻ هو ته وٽامن بي 2 ۽ بي 6 جو گهٽ استعمال گردن، دل ۽ ميٽابولزم جي صحت تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو.
اهي ٻئي وٽامنز مختلف غذائن ذريعي حاصل ڪري سگهجن ٿا.
وٽامن بي 2 کير ۽ کير مان ٺهيل شين، انڊن، گوشت ۽ ساوا پن وارن ڀاڄين مان حاصل ڪري سگهجي ٿو.
اهڙيءَ طرح وٽامن بي 6 ڪڪڙ جي گوشت، مڇي، گوشت، پٽاٽن، چڻن ۽ ٻين ڪيترين ئي غذائن مان ملي سگهي ٿو.