” مزو اچي ويو“ دنيش ڪارٿڪ کي به عبدالله شفيق جي بيٽنگ وڻي وئي

ليڊز (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ۽ تجزيي نگار دنيش ڪارٿڪ چيو آهي ته عبدالله شفيق پنهنجي بيٽنگ ٽيڪنيڪ تي بهترين ڪم ڪيو آهي.
هيڊنگلي ٽيسٽ ميچ دوران ڪامينٽري باڪس ۾ تجزيو ڪندي دنيش ڪارٿڪ چيو ته جڏهن ڪو ايشيائي رانديگر انگلينڊ جهڙين پرڏيهي پچن تي کيڏندو آهي ته اتي سوئنگ ٿيندڙ بالز خلاف ٽيڪنيڪ جو وڏو امتحان هوندو آهي.
ڪارٿڪ عبدالله شفيق محنت ۽ ٽيڪنيڪ بهتر ڪرڻ جو هڪ بهترين مثال قرار ڏنو ۽ چيو ته اهڙو بيٽر آهي جن کي ڏسڻ ۾ مزو ايندو آهي.

 

You might also like