ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌي قومپرستن بابت ڏنل بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي بيان جو غلط مطلب ورتو ويو.
هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ چيئرمين سنڌي قومپرستن جي عزت ڪري ٿو، هن رڳو انهن عليحدگي پسندن جو ذڪر ڪيو هو، جيڪي دهشتگردي ۾ ملوث آهن.
صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو مقصد سنڌ جي قومپرست ڌرين کي دهشتگردن سان ڳنڍڻ نه هو.