بلاول قومپرستن بابت بيان تان ڦري ويو، لفظن جي چونڊ ۾ غلطي ٿي: پ پ چيئرمين جو اعتراف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومپرستن بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته کانئس شايد لفظن جي چونڊ ۾ غلطي ٿي وئي.
هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو انهن عليحدگي پسند قومپرست ڌرين جي ڳالهه ڪري رهيو هو، جيڪي دهشتگردي ۽ تشدد ۾ ملوث آهن.
هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته بلوچستان ۽ ملڪ ۾ جتي به دهشتگردي جا واقعا ٿين ٿا، ماضي ۾ انتهاپسند ٽي ٽي پي جي صورت ۾ حملا ڪندا رهيا آهن، هو اهڙي قسم جي دهشتگردن جي ڳالهه ڪرڻ چاهي پيو.
بلاول ڀٽو چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران جيڪي ڪارروائيون ٿيون آهن، هاڻي انهن تنظيمن ۾ پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ آهي، جن جا ٿاڪ ملڪ کان ٻاهر افغانستان ۾ آهن ۽ جن جا سهولتڪار پاڙيسري ملڪ آهن، هو انهن جي ڳالهه ڪري رهيو هو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌي قومپرستن، بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳٺ جوڙ ٺهي رهيو آهي ۽ اهي حملن وقت هڪٻئي سان رابطا ڪن ٿا.
بلاول ڀٽو جي بيان کانپوءِ سنڌ ۾ سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين طرفان سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو هو.

You might also like