ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اندر امڪاني نون صوبن لاءِ مهم ۽ پروپئگينڊا ڪرڻ تي اردو چئنل ”اي آر واءِ نيوز“ خلاف سنڌ جي وڪيل برادري احتجاج ڪيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته احتجاج دوران وڪيلن اي آر واءِ نيوز جي ڊي ايس اين جي وين کي واپس موڪلي ڇڏيو ۽ عملي کي ڪوريج ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
ان موقعي تي وڪيلن جو چوڻ هو ته ”توهان جي ڪوريج نه ٿي کپي.“