اسلامي آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان جي هڪ بالر کيس بي عزت ڪيو هو.
سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ جي جواب ۾ وسيم اڪرم چيو ته ”ڇا اوهان وري ڪا بي بنياد ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟ ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي.“
هن چيو ته پاڪستان ۾ هر ماڻهو، جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم به شامل آهي، سندس تمام گهڻي عزت ڪري ٿي.
واضح رهي ته هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجر کيس لاهور ۾ ٽيم جي ڪئمپ ۾ شرڪت ڪري بالرن سان ڪم ڪرڻ لاءِ چيو هو، پر جڏهن هو اتي پهتو ته ڪو به رانديگر موجود نه هو ۽ کيس لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪرڻو پيو.
پر هاڻ وسيم اڪرم پاڻ اهڙي دعويٰ کي رد ڪندي ان کي بي بنياد قرار ڏنو.
You might also like