ٽيون ڏينهن دي انٽيلڪچوئل فورم پاران سنڌ ۾ نون صوبن جي تجويز خلاف سڏايل قومي ڪانفرنس ۾ سنڌي دانشورن، سول سوسائٽي جي نمائندن توڙي صحافين ۽ اديبن نصير ميمڻ، شهاب اوستو، امان الله شيخ، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، شازيه نظاماڻي وغيره ته يقينن سنڌ ۾ نون صوبن خلاف ئي ڳالهايو ۽ انهن مان اهڙي توقع به هئي پر ان ڪانفرنس جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها سمجهڻ گهرجي ته ان ۾ غير سنڌي دانشورن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن به پنهنجي ضمير جو آواز اٿاري سنڌ جي حق ۾ ڳالهايو جن ۾ ناميارو معاشي ماهر قيصر بنگالي ۽ ڊان اخبار جي نامياري صحافي ۽ دانشور ناظر محمود جيڪو اتي موقف رکيو تن جي اسان دل جي گهراين سان آجيان ڪريون ٿا.
ان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قيصر بنگاليءَ چيو ته ڪڏهن 28 هين ترميم ته ڪڏهن نون صوبن جي ڳالهه ڪري صوبن جي وسيلن کي لٽڻ لاءِ اهڙا شوشو ڇڏيا ويندا آهن. هن انڪشاف ڪيو ته 28 هين ترميم جي آڙ ۾ وفاق، صوبن کان اربين روپيا کڻي ويو آهي. اصل ۾ سندن نظر سنڌ جي پيسن ۽ وسيلن تي ئي آهي. سندس خيال هو ته نون صوبن جي ڪا به ضرورت نه آهي، ملڪ اڳ ئي معاشي بحران جو شڪار آهي. هن چيو ته جڏهن ڪراچي وفاقي حڪومت جو گادي وارو شهر هو ان وقت به ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي هئي پر تڏهن به عوام سخت مزاحمت ڪئي هئي ۽ ڪراچي کي واپس سنڌ جو حصو بڻايو ويو. هن صلاح ڏني ته سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندڙن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. نامياري صحافي ۽ دانشور ناظر محمود ايم ڪيو ايم جي سنڌ مخالف پاليسي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اڳي ملان ملٽري اتحاد هوندو هيو پر هاڻي ملان ملٽري مهاجر ميڊيا اتحاد هلي پيو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه سنڌ جي خلاف اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيهندي رهي آهي جنهن جي اسان مخالفت ڪريون ٿا، جڏهن ته اسان سنڌ سان هميشه بيهنداسين.
سنڌ جي تاريخ ۾ هر دور ۾ ثابت قدمي جا امتحان ايندا رهيا آهن جنهن ۾ هر دور ۾ واري واري سان ڪي هيرو بڻيا ته ڪي وري زيرو ٿيا. انهن جو ذڪر تاريخ ۾ موجود آهي. هن ثابت قدمي جي ۾ به يقينن نوان هيرو ۽ نوان زيرو منظر عام تي آيا آهن ۽ ايندا رهندا پر هن ڀيري اسان اهو ڏٺو آهي ته سنڌ ۾ نون صوبن خلاف هيل سنڌ جي سنڌي سياستدانن، قومپرستن، اديبن، صحافين ۽ دانشورن سان گڏ غير سنڌي سياستدانن، صحافين، تجزئي نگارن ۽ دانشورن به نمايان طور پاڻ ملهائي ڏيکاريو آهي جيڪا نئين ۽ انتهائي اهم اڳڀرائي آهي ۽ ان کي اسان سنڌ جي حق ۽ سچ جي فتح سمجهون ٿا. اهڙن غير سنڌي صحافين ۾ مظهر عباس، حامد مير، سهيل وڙائچ به شامل آهن. اسان کي انهن جي سوچ کي همٿائي اڳتي وڌائڻو به پوندو. ڇاڪاڻ ته اسان کي سنڌ جي ورهاڱي خلاف ملڪ جي ٻين مثبت ڌرين کي به گڏ کڻي پنهنجي طاقت بڻائڻو پوندو. اسان جي اصل طاقت اها آهي ته ٻين صوبن مان به سنڌ جي حق ۾ آواز اٿي يا اٿارجي. سو هن بيحد نازڪ معاملي ۾ اسان کي جوش بدران هوش سان هلڻو پوندو ۽ انتهائي سمجهدار پاليسي ۽ حڪمت عملي سان اڳتي وڌڻو پوندو. ٻيو ته پاڻ پهريون به ان حوالي سان لکيو هو ته هن صورتحال ۾ جڏهن سنڌ دشمن ڌريون پاڻ ۾ متحد آهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان وري سنڌ دوست ڌرين سان متحد ٿيون ۽ پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي سنڌ مفاد کي سمجهون ۽ نه صرف سمجهون پر ان موقف کي هٿي ڏيون جيڪو سنڌ جي مفادن ۾ هجي. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت جي خلاف جيڪي غير سنڌي طاقتون ۽ ميڊيا وارا تنقيد ڪندا آهن تن جو اصل نشانو پ پ حڪومت نه پر سنڌي عوام هوندو آهي. اهڙي ڳالهه ٽيون ڏينهن ناظر محمود به ڪئي سندس خيال بلڪل درست به هو پر افسوس ته اها ڳالهه اسان جا سنڌي دوست به نٿا سمجهن ۽ اهي به پ پ جي دشمني ۾ سنڌ دشمنن جي مهم جو حصو بڻجي وڃن ٿا.
جيستائين پ پ جي سنڌ حڪومت جو هن وقت صوبن جي حوالي سان موقف آڏو آيو آهي جنهن جو ڪالهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ذڪر ڪيو ته اسان ان حوالي سان عوام آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏ آهيون جن صوبن ۾ عوام، پارليامينٽ اڪثريتي طور تي نون صوبن جو مطالبو ڪن اتي ڀلي نوان صوبا ٺهن پر سنڌ ۾ جيئن ته اڪثريتي عوام نون صوبن جي خلاف آهي ۽ سنڌ اسيمبلي ڪيترائي ڀيرا نئين صوبي خلاف قرارداد پاس ڪئي آهي ته اتي مان عوام ۽ سنڌ اسيمبلي سان گڏ بيهندس. باقي ڪنهن به غير جمهوري طريقي يا دٻاءُ جي مان خلاف آهيان ان صورتحال ۾ اسان سڀني سنڌ دوست ڌرين کي پ پ جي ان هڪ نُڪتي سان گڏ بيهڻ گهرجي پر اسان ائين ناهيون ڪندا، هڪڙن پارٽي ۽ نظرياتي مفادن جي ڪري سنڌ جي مفادن کي اڪيلو ڪري ڇڏيندا آهيون. بلال ڀٽو زرداريءَ اهو به درست موقف اختيار ڪيو ته جڏهن طاقتور ڌرين ون يونٽ ٺاهيو هو تن کي به وڏي مزاحمت ڏسڻي پئي هئي ۽ نيٺ اهو ون يونٽ ٽوڙڻو پيو سو هن اها درست صلاح ڏني ته وفاق تڏهن ئي هلي سگهي ٿو جڏهن اهو ملڪ جي سڀني صوبن، عوام ۽ جمهوريت کي گڏ کڻي هلندو.
ايئن ئي سنڌ جي عظيم مفاد ۾ اهو آهي ته اڄ جيڪي به شخصيتون يا جماعتون سنڌ ۾ نون صوبن جي خلاف آهن تن کي پنهنجي طاقت بڻائڻ گهرجي ۽ جيڪي شخصيتون ۽ پارٽيون سنڌ ۾ نون صوبن جون حامي آهن تن کي سنڌ دشمن سمجهي انهن کان ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ انهن کي اڪيلو ڪرڻ يا سمجهڻ گهرجي. ان پسمنظر ۾ پاڻ ثابت قدمي جي موجوده امتحان ۾ جن غير سنڌي صحافين، دانشورن ۽ تجزئي نگارن کي هيرو ٿا سمجهون، تن ۾ سهيل وڙائچ، قيصر بنگالي، حامد مير، مظفر عباس، ناظر محمود وغيره کي شامل سمجهون ٿا ۽ سندن اختيار ڪيل درست موقف جي آجيان ڪريون ٿا.