اسلام آباد (بيورو) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر فاروق ستار چيو آهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ملڪ ۾ اسٽيٽس ڪو ۽ جمود برقرار آهي، وڏن صوبن مان پاڪستان کي ترقي ۽ استحڪام نٿو ملي سگهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته جن علائقن ۾ نون صوبن جي ضرورت آهي، اتي ريفرنڊم ڪرايو وڃي. هن چيو ته آرٽيڪل 239 ۾ به ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ترميم ڪري سگهجي ٿي ۽ ان ۾ تبديلي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي ووٽ حاصل ڪرڻ ممڪن آهن، هاڻي فيصلو ڪندڙ ادارن ۾ به نون صوبن جي قيام بابت ڳالهه ٿي رهي آهي، جيڪڏهن آئين جي ڪا شق نوان صوبا ٺاهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي، چار صوبن جي اجاراداري سان هاڻي پاڪستان نٿو هلي سگهي.