اداڪارا ميرا تي نوڪرياڻي مٿان تشدد جو الزام، وڊيو وائرل، متاثر عورت جي ٻئي وڊيو به جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مبينا طور اداڪارا ميرا کي پنهنجي گهرو نوڪرياڻي سان سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ کيس تشدد جو نشانو بڻائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ميرا پنهنجي گهريلو عورت سان ڳالهائيندي نظر اچي ٿي، پر ڪجهه ئي دير کانپوءِ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وڃي ٿي ۽ ٻنهي وچ ۾ هٿين پوڻ شروع ٿي وڃي ٿو.

اداڪارا ميرا جي گهريلو نوڪرياڻي هڪ انٽرويو دوران الزام لڳايو ته اداڪارا کيس ڪيترائي ڀيرا تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

نوڪرياڻي دعويٰ ڪئي ته سندس منهن سميت جسم جي مختلف حصن تي ڌڪ لڳڻ سبب کيس زخمي ٿيڻو پيو.

نوڪرياڻي جي ذهني حالت تي به سوال اٿاريندي چيو ته ”هوءَ معمول مطابق نٿي لڳي.“

ٻئي پاسي ميرا جي نوڪرياڻي ياسمين جي هڪ ٻي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي.

هن وڊيو ۾ ياسمين پنهنجي اڳوڻي بيان کان مختلف موقف اختيار ڪندي دعويٰ ڪئي ته سندس اڳوڻي وڊيو هٿرادو ڏاهپ (AI) ذريعي تيار ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ”ميرا تمام سٺي آهي ۽ مان اڃا تائين وٽس ئي ڪم ڪري رهي آهيان.“

واضح رهي ته ميرا ان کان اڳ به مختلف قسمن جي وڊيوز ۽ بيانن سبب خبرن ۾ رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه سال اڳ هڪ ٽي وي چينل تي ميڪ اپ آرٽسٽ کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائڻ جي حوالي سان به سندس نالو خبرن ۾ آيو هو.

You might also like