چريائپ سمجهي ويندڙ عادت حقيقت ۾ ذهين هجڻ جو اشارو آهي!

ڪجهه عادتون اهڙيون هونديون آهن، جن کي ماڻهو بيوقوفي يا ذهني ڪمزوري جو نتيجو سمجهندا آهن. ڇو ته ڪيترائي ماڻهو انهن عادتن کي ڌيان مرڪوز نه ڪري سگهڻ، نظم و ضبط جي کوٽ يا دماغي زوال سان ڳنڍيندا آهن.

پر اهڙي ئي هڪ عادت، جنهن کي دنيا عجيب سمجهي ٿي، تحقيق ۾ ان کي ذهانت سان لاڳاپيل قرار ڏنو ويو آهي.

ها، واقعي اهڙي هڪ عادت پاڻ سان ڳالهائڻ يعني خودڪلامي آهي، جنهن کي ماڻهو عام طور تي ڪا گهڻي سٺي ڳالهه نٿا سمجهن.

پر تحقيقي رپورٽن موجب جيڪڏهن توهان پاڻ سان ڳالهائڻ جا عادي آهيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان چريائپ جو شڪار آهيو، بلڪه اها ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهين هجڻ جي نشاني به ٿي سگهي ٿي.

جيتوڻيڪ ماڻهو هن رويي کي سٺو نٿا سمجهن، پر اهڙا ثبوت سامهون آيا آهن، جن مان اشارو ملي ٿو ته هن عادت سان دماغ کي فائدو پهچي سگهي ٿو. مثال طور يادگيري بهتر ٿئي ٿي، اعتماد وڌي ٿو ۽ ڌيان مرڪوز ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

2012ع جي هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته پاڻ سان ڳالهائڻ وارا ماڻهو تصويرن ۾ موجود شين کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان سڃاڻي وٺندا آهن.

اهڙيءَ ريت  2023ع جي هڪ تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته پاڻ سان ڳالهائڻ ۽ پاڻ تي ضابطو رکڻ يا نظم و ضبط جي وچ ۾ تعلق موجود آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪي ماڻهو پاڻ سان ڳالهيون ڪندا آهن، اهي اڪثر پنهنجي باري ۾ وڌيڪ بهتر ڄاڻ رکندا آهن.

پر اهو فائدو تڏهن ئي حاصل ٿئي ٿو، جڏهن پاڻ سان ڳالهائڻ اعتدال ۾ رهي ڪري ڪيو وڃي. جڏهن ته پاڻ تي تنقيد ڪرڻ سان ان جا منفي اثر به ٿي سگهن ٿا.

تنهنڪري جيڪڏهن توهان پاڻ سان ڳالهائڻ جا عادي آهيو ته ان تي شرمسار نه ٿيو. اها عجيب لڳندڙ عادت توهان کي معاملن ۽ تفصيلن جو تجزيو ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ سان گڏ ذهن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۾ به مددگار ٿي سگهي ٿي.

You might also like