بيلجئم (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ ايڇ هاڪي ورلڊ ڪپ 2026ع جي اهم پول ڊي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 3-5 تان شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
واگنر اسٽيڊيم ۾ کيڏيل سخت مقابلي ۾ شڪست کانپوءِ گرين شرٽس جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ورلڊ ڪپ ۾ واپسي جو سفر بنا ڪنهن ڪاميابيءَ جي پڄاڻيءَ تي پهتو.
ميچ جي شروع کان ئي ڀارتي ٽيم جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪيو، پنجين منٽ ۾ هرمن پريت سنگهه پينلٽي ڪارنر کي گول ۾ تبديل ڪري ڀارت کي سرسي ڏياري، جڏهن ته 11هين منٽ ۾ اڀشيڪ شاندار فيلڊ گول ڪري اسڪور 0-2 ڪري ڇڏيو.
ٻئي ڪوارٽر جي 21هين منٽ ۾ هرمن پريت سنگهه هڪ ٻئي پينلٽي ڪارنر تي گول ڪري ڀارت جي سرسي 0-3 تائين پهچائي ڇڏي.
پاڪستان 22هين منٽ ۾ حنان شاهد جي فيلڊ گول ذريعي پهريون گول ڪيو، جڏهن ته جنهن کانپوءِ وري اڀشيڪ پنهنجو ٻيو گول ڪري ڀارت جي سرسي برقرار رکي.
ميچ جي 24هين منٽ ۾ پاڪستان جي سفيان خان پينلٽي ڪارنر کي گول ۾ تبديل ڪيو، جنهن کانپوءِ پهرئين هاف جي پڄاڻي تي اسڪور 2-4 رهيو.
ٽئين ڪوارٽر جي شروعات کان 4 منٽ پوءِ ڀارت جي هاردِڪ سنگهه پينلٽي اسٽروڪ تي گول ڪري اسڪور 2-5 ڪري ڇڏيو.
ميچ جي آخري ڪوارٽر ۾ پاڪستان جي حنان شاهد پنهنجو ٻيو گول ڪري خسارو گهٽائي 3-5 ڪيو، پر سمورين ڪوششن باوجود گرين شرٽس وڌيڪ ڪو گول نه ڪري سگهي ۽ ڀارت ميچ کٽي ورتي.
گرين شرٽس لاءِ هي ورلڊ ڪپ مايوس ڪندڙ ثابت ٿيو. ڊگهي عرصي کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ پاڪستان هاڪي ٽيم سڄي ٽورنامينٽ ۾ هڪ به ميچ کٽڻ ۾ ناڪام رهي.
پاڪستان کي پهرين ميچ ۾ انگلينڊ هٿان 1-4 تان شڪست ملي هئي، جڏهن ته ويلز خلاف ٻيو ميچ 3-3 تان برابر رهيو هو.
You might also like