سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ آمريڪي سفير ۽ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي سرگئي گور والاريل ڪشمير جي دوري دوران ڪشمير کي ”ڀارت جو اهم حصو“ قرار ڏيندي مقامي انتظاميا جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي.
سرگئي گور جي ٻن ڏينهن واري ڪشمير ۽ لداخ جي دوري کي سندس خاص حيثيت سبب غيرمعمولي اهميت ڏني پئي وڃي، جڏهن ته وڏي وزير عمر عبدالله سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان مختصر ڳالهائيندي هن محتاط ۽ لڳ ڀڳ غيرجانبدار انداز اختيار ڪيو.
هن چيو ته ڪشمير اچي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هي انتهائي خوبصورت ماڳ آهي.
هن ٻڌايو ته عمر عبدالله سان سندس ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن دوران مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سرگئي گور چيو ته ڳالهين جي موضوعن تي کيس واشنگٽن ۽ نئين دهلي ۾ وڌيڪ ڳالهائڻو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ملاقاتن جا دور پڻ باقي آهن.
ان موقعي تي عمر عبدالله ملاقات کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه پراڻا مسئلا موجود آهن، جن جي حل لاءِ ايندڙ وقت ۾ ڪم ڪرڻو پوندو، پر اهي ڳالهيون اڳتي هلي سرگئي گور ۽ واشنگٽن کانسواءِ سندس ۽ نئين دهلي وچ ۾ به جاري رهنديون.
آمريڪي شهرين جي ڪشمير سفر بابت پابندين جي سوال تي سرگئي گور چيو ته انهن پابندين جو وقت به وقت جائزو ورتو ويندو آهي.
هن چيو ته هي انتهائي خوبصورت ماٿري آهي، نئين دهلي ۽ مقامي انتظاميا حالتون بهتر بڻائڻ ۽ علائقي کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ ذڪر جوڳ ڪم ڪيو آهي.
هن چيو ته هو ان حوالي سان ڪو وڏو اعلان نه ڪندو، پر سندس ذاتي خيال آهي ته ڪشمير بابت سفري پابندين ۾ نرمي ٿيڻ گهرجي.
واضح رهي ته 2019ع ۾ آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ کان هڪ سال پوءِ ڀارتي حڪومت آمريڪا سميت 15 ملڪن جي سفيرن کي ڪشمير جي دوري جي دعوت ڏني هئي.
ان دوري دوران ڀارتي حڪومت اهو موقف اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته آرٽيڪل 370 جي خاتمي کانپوءِ علائقي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي.