پنجاب حڪومت جو ٽيڪنيڪل تربيت لاءِ 50 هزار نوجوانن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان

نوجوانن کي ڊجيٽل ۽ فني مهارتون سيکارڻ لاءِ هڪ نئين تربيتي پروگرام جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سڄي پاڪستان ۾ 50 هزار اسڪالرشپ ڪارڊ ڏنا ويندا. درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 21 آگسٽ 2026ع آهي.

هنرمند پنجاب ايڊوانسڊ آءِ ٽي اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ پروگرام تحت 30 کان وڌيڪ شعبن ۾ ڪورس ڪرايا ويندا، جن ۾ هٿرادو ڏاهپ (AI)، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ويب ڊولپمينٽ، گرافڪ ڊزائننگ، اي ڪامرس، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا سائنس، فري لانسنگ، وڊيو ايڊيٽنگ، ايپ ڊولپمينٽ ۽ يوٽيوب مونيٽائيزيشن شامل آهن.

اهليت:

  • پاڪستاني شهري، جن جي عمر 15 کان 50 سال جي وچ ۾ هجي، درخواست ڏئي سگهن ٿا.
  • اميدوار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ پاس هجڻ لازمي آهي.
  • 50 هزار اسڪالرشپ ڪارڊن مان 25 هزار پنجاب لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته باقي 25 هزار آزاد ڪشمير، خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ورهايا ويندا.
  • اميدوارن کي پروگرام جون ٻيون مقرر ڪيل شرطون به پوريون ڪرڻيون پونديون.
  • آخري جائزي يا ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 85 سيڪڙو نمبر حاصل ڪرڻ لازمي هوندا.

نمبرن جي حساب سان مراعتون

اعلان ڪيل ميرٽ موجب:

  • 85 سيڪڙو: فيس جي واپسي لاءِ اهل قرار ڏئي سگهجي ٿو.
  • 86 کان 88 سيڪڙو: سولر پينل
  • 89 کان 91 سيڪڙو: ڪروم بڪ
  • 92 کان 94 سيڪڙو: ليپ ٽاپ
  • 95 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ: اليڪٽرڪ بائيڪ

موجود ڪورس

هن پروگرام ۾ ٽيڪنالاجي ۽ فني مهارتن لاءِ هيٺيان ڪورس شامل آهن:

  • ايمازون ورچوئل اسسٽنٽ
  • شاپيفاءِ ۽ دراز تي آن لائن ڪاروبار
  • ورڊپريس ويب سائيٽ ڊولپمينٽ
  • ري ايڪٽ ۽ نوڊ جي ايس
  • MERN اسٽيڪ
  • PHP لاراول
  • پائٿن پروگرامنگ
  • مشين لرننگ
  • سرچ انجڻ آپٽمائيزيشن (SEO)
  • گوگل اشتهار (Google Ads)
  • آءِ اي ايل ٽي ايس جي تياري
  • ٽيڪسٽائل ڊزائننگ
  • ڊجيٽل ڪڙهائي
  • پينيٽريشن ٽيسٽنگ / سائبر سيڪيورٽي ٽيسٽنگ
You might also like