تعليم کاتي جو پائلٽ مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ”ٻوٿ حاضري“ وارو طريقو سمورن ضلعن ۾ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ چهري جي سڃاڻپ تي ٻڌل حاضري نظام ”فريمز“ جي پائلٽ ٽيسٽنگ 90 سيڪڙو ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وئي آهي.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي سنڌ فريمز کي پائلٽ مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ باقاعده طور لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪراچي اوڀر، حيدرآباد، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، عمرڪوٽ ۽ گهوٽڪي ۾ فريمز جي پائلٽ ٽيسٽنگ ڪاميابي جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي.
پائلٽ ٽيسٽنگ دوران سامهون آيل معمولي نوعيت جي 10 سيڪڙو مسئلن جي نشاندهي کانپوءِ انهن کي فوري طور حل ڪيو پيو وڃي.
سمورن فني مسئلن جي مڪمل حل ۽ پائلٽ مرحلي جي ڪامياب تڪميل کانپوءِ فريمز کي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ لاڳو ڪيو ويندو.
فريمز ذريعي سرڪاري اسڪولن ۾ تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي حاضري کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ نگراني لائق بڻايو ويندو.

 

You might also like