ميٽا ۽ پاڪستان گڏ، ننڍن ڪاروبارن لاءِ اي آءِ تربيتي پروگرام شروع

پاڪستان ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽هٿرادو ڏاهپ (AI) جي واڌاري سان ڪاروباري ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ننڍن ڪاروبارن کي جديد دور سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي واري وزارت ۽ ميٽا وچ ۾ گڏيل تربيتي پروگرام شروع ڪيو ويو آهي.

هن پروگرام تحت اسمال بزنس گروٿ اڪيڊمي جي ذريعي 9 شهرن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪاروباري ماڻهن کي هٿرادو ڏاهپ ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏني ويندي. تربيتي پروگرام ۾ خاص ڌيان عورتن جي اڳواڻيءَ ۾ هلندڙ ڪاروبارن، ڪپڙي، هٿ جي هنر ۽ آءِ ٽي خدمتن جي شعبن تي ڏنو ويندو.

پروگرام ذريعي ڪاروباري ماڻهن کي آن لائن گراهڪن تائين رسائي، بهتر مارڪيٽنگ ۽ گراهڪن جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ هٿرادو ڏاهپ جا اوزار استعمال ڪرڻ سيکاريا ويندا. ان سان گڏ اسمال بزنس گروٿ اڪيڊمي تحت سڄي ملڪ ۾ ورڪشاپس ۽ آن لائن تربيتي سيشن پڻ منعقد ڪيا ويندا.

پاڪستان جو هي قدم ميٽا جي ايشيا پئسفڪ خطي جي 12 ملڪن تي ٻڌل وڏي اسمال بزنس ٽريننگ پروگرام جو حصو آهي.

هٿرادو ڏاهپ ۽ ڊجيٽل مهارتن جي واڌاري سان پاڪستاني ڪاروباري ادارن کي ملڪي توڙي عالمي مارڪيٽن تائين پنهنجي رسائي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ڊجيٽل مهارتن ۽ مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ پاڪستان جي ننڍن ڪاروباري ادارن کي جديد معيشت سان ڳنڍڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.

You might also like