حڪومت جو ڊيزل اگهه ۾ وڏي لاٿ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ لاٿ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته حڪومت کي عوام جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، عوام کي ممڪن رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت فوري قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو پڻ ان ئي رليف جو حصو هو.
علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت جيڪي ڪوششون ڪري رهي آهي، انهن سان هي ڏکيو وقت ضرور ختم ٿيندو، حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي.
هن چيو ته جنگ جي شدت ۾ واڌ سبب پيٽروليم شين جا گهه وڌيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن کي ڊيزل جي فراهمي بابت مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
وفاقي وزير پيٽروليم موجب ريفائنرين ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 30 کان 32 رپين کان وڌيڪ لاٿ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like