هر پاڪستاني جي هيپاٽائيٽس ٽيسٽ ٿيندي، نه ڪرائيندڙ ملازمن جو پگهارون روڪڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هر پاڪستاني جي هيپاٽائٽس اسڪريننگ ڪرائي ويندي، جڏهن ته ٽيسٽ نه ڪرائيندڙ ملازمن جي پگهار روڪي ويندي.

پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته سندس پنهنجو به هيپاٽائٽس ٽيسٽ ڪرايو ويو، جيڪو ناڪاري آيو. هن وفاقي صحت واري وزارت جي سمورن ملازمن لاءِ هيپاٽائٽس سي جو ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جنهن ملازم جو ٽيسٽ نه ٿيندو، ان جي پگهار روڪي ويندي.

هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ اسڪريننگ لاءِ 17 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ به جتي اسڪريننگ ڪئي ويندي، اتي کين ڪِٽس ۽ گهربل اوزار فراهم ڪيا ويندا.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته سڄي پاڪستان ۾ اسڪريننگ ڪئي ويندي ۽ سمورين وزارتن کي خط موڪليو پيو وڃي. وزيرن سميت سمورن ملازمن جا ٽيسٽ لازمي قرار ڏنا ويندا.

صحت واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهو هيپاٽائٽس سي ۾ مبتلا آهن. هي هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جنهن جي دير سان خبر پوي ٿي ۽ اڳتي هلي اها بيماري جگر جي ڪينسر جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي.

هن ٻڌايو ته وزيراعظم جي پروگرام تحت 68 هزار رپين واري دوا مفت فراهم ڪئي ويندي. گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ اسڪريننگ ڪئي ويندي، جڏهن ته ملڪ مان ڊي پورٽ ٿي واپس ايندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ به لازمي قرار ڏني وئي آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ٽن مهينن تائين سمورين اڏامن ۾ به اسڪريننگ جو عمل جاري رکڻو پوندو. هر پاڪستاني لاءِ اسڪريننگ ڪرائڻ لازمي هوندي. بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاران گهربل اوزار فراهم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مردم شماري وارو سافٽ ويئر حاصل ڪيو ويو آهي، جنهن کي نادرا جي رڪارڊ سان ڳنڍيو ويو آهي.

هن چيو ته هر سڃاڻپ ڪارڊ سان اسڪريننگ لازمي قرار ڏني ويندي، جڏهن ته ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان اڳ به اسڪريننگ ڪرائڻ لازمي هوندي.

هن وڌيڪ چيو ته هيپاٽائٽس سي رت جي ذريعي منتقل ٿيندو آهي. هن وقت هڪ ڪروڙ 10 لک ماڻهو هيپاٽائٽس سي ۾ پازيٽو آهن. عوام کي گهرجي ته مفت سهولت مان فائدو وٺي. 12 سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن جي اسڪريننگ لازمي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسڪريننگ نه ڪرائيندو ته اهو گناهه جو ذميوار هوندو.

مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته پنجاب مان اسان کي ڊيٽا فراهم نه ڪيو پيو وڃي، تنهن هوندي به رابطو جاري آهي ۽ پنجاب حڪومت ڊيٽا شيئر ڪري ڇڏيندي. وفاقي صحت واري وزير ٻڌايو ته هو پنجاب جي وڏي وزير سان پاڻ ملاقات ڪرڻ وڃي رهيو آهي.

You might also like