لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي انگلش فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ پاڪستان کي ”ڪمزور ٽيم“ قرار ڏيندي انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
اسٽورٽ براڊ هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان وٽ بابر اعظم ۽ 36 ورهين جو محمد عباس موجود آهن، پر مجموعي طور پاڪستان هڪ سٺي يا مضبوط ٽيم نه آهي.
هن چيو ته انگلينڊ کي پاڪستان خلاف سيريز 3-0 تان ۽ آرام سان کٽڻ گهرجي، جڏهن ته جيڪڏهن انگلش ٽيم سيريز نه کٽي سگهي ته اها وڏي ناڪامي هوندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز اڄ 19 آگسٽ کان هيڊنگلي ۾ شروع ٿي وئي آهي.
You might also like