پيٽرول 3 رپيا ۽ ڊيزل 5 رپيا مهانگو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم ڊويزن 19 آگسٽ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. حڪومت 19 آگسٽ لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 3.34 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5.27 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي.پيٽرول جي نئين قيمت 334.54 رپيا في ليٽر آهي جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 395.69 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like