اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ميمبر خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته ڪراچي ۾ نوجوان مير رضا علي جي موت جو ڀوائتو واقعو سامهون آيو آهي.هن چيو ته هن واقعي جا تفصيل هر روز تبديل ڪيا پيا وڃن. هڪ اهڙو نوجوان، جنهن پنهنجي هٿن سان پنهنجو ڪاروبار قائم ڪيو هو. پهريان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن خودڪشي ڪئي آهي، جڏهن ته حقيقتن کي مسلسل مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جوان پٽ جي موت هر روز ماءُ پيءُ کي ماري ٿي.خواجا اظهار الحسن چيو ته گهرو وزير ۽ گهرو معاملن واري ڪميٽي کي درخواست آهي ته هن معاملي تي هڪ خاص ڪميٽي جوڙي وڃي، ڇاڪاڻ ته هن معاملي ۾ پوليس جو ڪردار شڪي آهي. ڇا سنڌ صوبي جو آئين الڳ آهي؟ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته اهو صوبائي معاملو آهي ۽ عدالت ان معاملي کي ڏسي رهي آهي.