"آخري بينچ”: ذات پات، مذهب ۽ سياست جي صليب تي سُري ويل انسانيت

صدف ٿلهو

وجيش ڪمار جو ناول "The Last Bench” ( آخري بينچ) محض هڪ ادبي تخليق ناهي، پر اهو سماج جي منهن تي هنيل هڪ کليل چماٽ آهي اهو سماج، جيڪو صدين کان "انسان” کي به ذات جي ماپ ۾ ورهائي، ڪن کي "پاڪ” ۽ ڪن کي "ناپاڪ” قرار ڏيندو آيو آهي. ڪرشنه جي ڪردار ذريعي ليکڪ اهو بنيادي ۽ اڻ پڇيل سوال کڻي اچي ٿو ته: جيڪڏهن انسانيت جو بنياد ئي پيدائش تي رکيل هجي، ته پوءِ ڪو به فرد پنهنجي محنت، لياقت يا نيڪ نيتي سان "انسان” ڪيئن ثابت ٿي سگهي ٿو؟

ڪرشنه هڪ دلت (شودر) ٻار پنهنجي ننڍپڻ جون اهي تلخ ۽ تڪليف ڏيندڙ يادون ڪڏهن ويساري نه سگهيو، جن سندس روح تي اڻميٽ نقش ڇڏيا. زندگيءَ جي هر ڏکي موڙ تي هن پاڻ کي اهو ئي ٻار محسوس ڪيو، جنهن کي مٽيءَ جي هڪ ٿانءَ کي هٿ لائڻ جي "ڏوهه” ۾ سزا ملي هئي؛ جنهن جي حصي ۾ روزانو نفرت ڀريا لفظ آيا؛ ۽ جنهن جي ڳل تي هنيل چماٽ جو سور سڄي عمر ساڻس گڏ رهيو اهو ئي سور کيس ڪلاس جي "آخري بينچ” تي ويهڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.

ناول جي سڀ کان وڏي طاقت اها آهي ته اهو ذات پات کي رڳو سماجي رسم نه، پر مذهبي بنيادن تي بيٺل هڪ منظم نظام طور سامهون آڻي ٿو. سمرتي ۽ گيتا مان کنيل حوالن ذريعي ليکڪ اهو ثابت ڪري ٿو ته استحصال محض جهالت جي پيداوار ناهي، پر اهو صدين کان مذهبي متنن جي پناهه ۾ پروان چڙهندو رهيو آهي. پهرين باب "The Rocking Chair and Poisoned Arrows” ۾ ليکڪ مقدس ڪتابن جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته برهمڻ ڀڳوان جي منهن مان پيدا ٿيا، ڪشتري ٻانهن مان، ۽ شودر پيرن مان تنهنڪري شودر جو مقدر رڳو "خدمت” ئي رهجي وڃي ٿو. مالڪ کيس چاهي آزاد به ڪري ڇڏي، پر هو پنهنجي مقرر ڪيل ڪرم، ايمان ۽ فرض جي زنجيرن کان ڪڏهن به آزاد ٿي نٿو سگهي. اهي روايتون صرف ۽ صرف انسانن کي طبقن ۾ ورهائڻ ۽ استحصال کي جواز فراهم ڪرڻ لاءِ صدين کان هلنديون پيون اچن.

ليکڪ مکيه ڪردار ڪرشنه جي شخصيت کي جن پس منظرن ۽ نشانين ذريعي اڀاريو آهي، اهي پڻ تمام گهڻا معنى خيز آهن. سندس پڙهڻ واري ڪمري جي ڀت تي مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر، سائين جي ايم سيد، ڀڳت ڪوئر رام، ميگهناٿ ۽ مدر ٽريسا جون تصويرون لڳل آهن جيڪي ان ڳالهه جو غماز آهن ته انسان پنهنجي فڪري آس پاس ۽ حقيقي راهنماڻ جي نسبت سان سڃاتو وڃي ٿو. ٽئين باب "Islamabad: the Capital’s Uncertain Weather” ۾ ڪرشنه اسلام آباد کي پنهنجي ننڍپڻ جي زخمن جو مرهم سڏي ٿو، جتي شهر جي بي يقيني موسم ۾ کيس پنهنجي وجود جي ڪا ٿوري گنجائش نظر اچي ٿي. هتي ئي امر جليل جي شاهڪار ڪتاب "نيٺ گونگي ڳالهايو” جو حوالو پڻ ملڪ جي سياسي ۽ سماجي ماحول جي سهڻي عڪاسي ڪري ٿو. اٺين باب "Second Slap: The Fire That Took Her” جو درد رڳو ڪرشنه جو ذاتي درد ناهي، پر اهو هر ان فرد جو الميو آهي، جنهن کي مذهب جي نالي ۾ سندس بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو.

ناول جو هڪ اهم ۽ نازڪ نُڪتو اهو آهي ته استحصال صرف ٻن مذهبن جي وچ ۾ نه، پر هڪ ئي مذهب اندر ذاتين جي بنياد تي اڻٿڪ جاري رهي ٿو. پهريان هڪ مذهب پاڻ کي ٻئي کان اتم سمجهي ٿو، ۽ پوءِ ان ئي مذهب اندر ڪجهه ذاتون پاڻ کي اعليٰ ۽ ڪجهه کي ڪمتر قرار ڏئي ظلم جو تسلسل برقرار رکنديون آهن. ٽيهين باب "Cracks in the New World: The Second Bride” ۾ زبردستي مذهب بدلائڻ جو جائزي وارو منظر اهو واضح ڪري ٿو ته اهو اصل ۾ ڪنهن آزادي جو در ناهي، پر ظلم جي رڳو شڪل تبديل ٿجڻ جو داستان آهي.

"آخري بينچ” اسان کي سنجيدگيءَ سان اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته جيڪڏهن قانون، رسم، رواج ۽ مذهب سڀ انسانن جا پنهنجا ٺاهيل نظام آهن، ته پوءِ انهن کي انسان کي دردن ۽ طبقن ۾ ورهائڻ جو حق ڪٿان مليو؟ ڪرشنه جي جدوجهد هر ان فرد جي بقا جي جنگ آهي، جنهن کي اڄ به سماج جي "آخري بينچ” تي ويهاريو ويو آهي چاهي اهو ڪلاس روم هجي يا اقتدار، سياست ۽ سماجي مانائتپي جو ميدان. جيستائين اسان ان تلخ حقيقت کان اکيون چورائينداسين، تيستائين "آخري بينچ” رڳو ڪنهن ناول جو عنوان نه، پر اسان جي سماجي نظام جو هڪ اڻميٽ ۽ ڪروئس سچ رهندي.

You might also like