وسيلا ڦٻائڻ لاءِ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، سنڌ وڪڻندڙن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي: قيصر بنگالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري معاملي تي چيو آهي ته سڄي ڳالهه سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ آهي، انهن کي پئسا گهرجن، جڏهن ته پنهنجي مفاد خاطر سنڌ مفادن کي وڪڻندڙن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي.
سنڌ جي ورهاڱي خلاف دي انٽيليڪچوئل فورم سنڌ (ٽي آءِ ايف) ۽ پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر ڪراچي جي سهڪار سان ڪراچي ۾ قومي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.
ڪانفرنس دوران سنڌ جي ورهاڱي، سنڌ جي وحدت ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته سڄي ڳالهه وسيلا ڦٻائڻ لاءِ آهي، انهن کي پئسا گهرجن.
هن چيو ته پنهنجي مفاد خاطر سنڌ جي مفادن کي وڪڻندڙن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي.
قيصر بنگالي وڌيڪ چيو ته چونڊيل اسيمبلي ميمبرن تي به نظر رکڻ گهرجي ته اهي ڪهڙي پاسي بيٺل آهن.
ليکڪ ۽ تجزئي نگار نصير ميمڻ چيو ته زوريءَ فيصلا مڙهڻ جا نتيجا ڪڏهن به سٺا نه نڪرندا.
هن چيو ته ڌرتين جا فيصلا 15 سئو ڪلوميٽر پري ڊرائنگ روم ۾ ويٺل حڪمران نه، پر ڌرتيءَ جا ماڻهو ڪندا.
نصير ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ بابت فيصلا سنڌ جي ماڻهن جي مرضي ۽ راءِ کانسواءِ مڙهڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندو.
قانوندان شهاب اوستو چيو آهي ته سنڌ ۾ وڏو تاءُ آهي ۽ سنڌ ڪڏهن به ورهاڱو قبول نه ڪندي.
شهاب اوستو چيو ته ڀلي کين جيل ۾ وڌو وڃي يا ڪجهه به ڪيو وڃي، سنڌ جا ماڻهو روڊن تي هوندا.
هن چيو ته جيڪي هٿ ٺوڪيا آهن، انهن کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي.

You might also like