عمران خان سان ملاقات ٿي؟ واري سوال تي نورين نيازي جو صحافي کي ”چُپ“ رهڻ جو اشارو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان سان سندس ڀيڻ نورين نيازي جي جيل ۾ ملاقات ڪرائي وئي.
جيل ذريعن موجب، ملاقات ڪانفرنس روم ۾ ٿي، جتي ٻنهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ صحت سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
نورين نيازي پي ٽي آءِ باني کي سپريم ڪورٽ جي حڪم بابت به آگاهه ڪيو، ملاقات کانپوءِ نورين نيازي جيل مان نڪري ڊاهگل ناڪي تي پهتي.
ذريعن موجب، ان موقعي تي هڪ صحافي نورين نيازي کان سوال ڪيو ته ڇا سندس پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائي وئي آهي؟ جنهن تي نورين نيازي پنهنجي چپن تي آڱر رکي خاموش رهڻ جو اشارو ڪيو.
ان کانپوءِ نورين نيازي گاڏي ۾ ئي موجود رهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عظميٰ کي به گاڏي ۾ گهرايو ويو، ڪجهه دير کانپوءِ قاسم زمان به گاڏي ۾ پهچي ويو، جتي نورين نيازي ڊاڪٽر عظميٰ ۽ قاسم زمان کي ملاقات بابت بريفنگ ڏيندي رهي.

 

You might also like