عائزا خان ۽ دانش تيمور ۾ طلاق؟ اداڪارا انسٽاگرام تان مڙس جون تصويرون هٽائي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا عائزا خان پنهنجي مڙس ۽ اداڪار دانش تيمور کان طلاق يا عليحدگي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
ويجهڙ عائزا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه نمايان تبديليون ڪيون، جڏهن ته سندس اڪائونٽ تان دانش تيمور سان گڏ ڪجهه تصويرون به هٽايون ويون، جنهن کانپوءِ مداحن ۾ مختلف قسم جا ڄوٻول شروع ٿي ويا.
اداڪارا جي ذاتي زندگي بابت افواهن ان وقت وڌيڪ زور پڪڙيو، جڏهن هوءَ دانش تيمور جي ڊرامي ”همراهي“ جي فائنل سئنما پريميئر تقريب ۾ به شرڪت نه ڪئي.
هاڻي عائزا خان هڪ فين پيج طرفان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي طلاق ۽ ڌار ٿيڻ بابت هلندڙ افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
عائزا خان واضح ڪيو ته سندس طلاق يا دانش تيمور کان عليحدگي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرون بي بنياد ۽ جعلي آهن.
عائزا جي وضاحت کانپوءِ مداحن طرفان به مختلف ردعمل سامهون آيا. ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ هو ته جوڙي بابت اهڙيون افواهون نه پکيڙڻ گهرجن، جڏهن ته ڪجهه مداحن سوال ڪيو ته جيڪڏهن افواهون غلط آهن ته پوءِ عائزا خان دانش تيمور سان گڏ تصويرون ڇو هٽايون؟
واضح رهي ته عائزا خان ۽ دانش تيمور پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور جوڙين مان هڪ آهن ۽ ٻنهي کي مداحن طرفان وڏي پسند ڪيو ويندو آهي.

 

You might also like