وسيلا ۽ کيسي ۾ پئسا نه هجن ته گهر نٿو ٺاهي سگهجي، صوبن لاءِ هن وقت مناسب ماحول ناهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان بابت فيصلو اچي ويو آهي، اهو فيصلو گهڻو اڳ اچي وڃڻ گهرجي ها.
هن چيو ته احتجاج جاري رکڻو آهي يا ختم ڪرڻو آهي، اهو پي ٽي آءِ جو پنهنجو فيصلو آهي.
نون صوبن بابت ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته وسيلا نه هجن ۽ کيسي ۾ پئسا نه هجن ته گهر نٿو ٺاهي سگهجي.
هن چيو ته هو اصولي طور انتظامي يونٽن ۽ نون صوبن جي خلاف ناهن، جڏهن ته اسان فاٽا، هزارا ۽ ٻين صوبن جي قيام جي حمايت به ڪري چڪا آهيون.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ صوبن جو معاملو اٿاريو ويو آهي، هن وقت نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ نه ماحول آهي ۽ نه ئي مناسب وقت.
هن اپوزيشن ليڊر کي تجويز ڏني ته ملڪي معاملن تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وڃي.
اسلامي بلاڪ بابت هن چيو ته اسلامي بلاڪ جي جوڙجڪ سندن منشور جو حصو آهي ۽ هو ان جي حمايت ڪندا.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تائين شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت سندس علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ سان گڏ کيس سخت سيڪيورٽي ۾ اسپتال منتقل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن.

 

You might also like