اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آپريشن ردالفتنه 3 تحت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف ڪارروائين دوران 9 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، زيارت، هرنائي ۽ سوراب ۾ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي زيارت ۽ هرنائي وچ واري جابلو علائقي ۾ وڏي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪڙو چاڙهي آپريشن ڪيو ويو.
ذريعن موجب، ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سندن ٿاڪ پڻ تباهه ڪيا ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ضلعي سوراب ۾ فورسز دشت ڪٽائي ۽ حاجيڪه وچ ۾ دهشتگردن جي چرپر جو پتو لڳايو، جنهن کانپوءِ حاجيڪه ڳوٺ ۾ ڪامياب آپريشن ڪري هڪ دهشتگرد کي ماريو ويو.
ذريعن موجب، مارجي ويل دهشتگردن وٽان ايمونيشن، ميگزين، دستي بم، واڪي ٽاڪي، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.
سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام تائين بنا وقفي ڪارروائين جاري رکڻ واري عزم تي قائم آهن.
You might also like