سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڊيوڊ وارنر کي شراب پي گاڏي هلائڻ جي ڏوهه ۾ 1500 آسٽريلوي ڊالر ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته کيس ٻيهر گاڏي هلائڻ کان اڳ ڪار ۾ اهڙو انٽرلاڪ ڊيوائس لڳائڻي پوندي، جيڪا شراب جي موجودگي چيڪ ڪندي.
سڊني جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران چيو ويو ته ايسٽر جي موقعي تي وارنر رينڊم بريٿ ٽيسٽ واري هنڌ پهچڻ کان اڳ مسافر سان سيٽ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
وارنر قانوني حد ٻيڻ تي شراب پي گاڏي هلائي رهيو هو، هن گذريل مهيني پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو.
وارنر جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته ميڊيا ڪوريج سبب سندس ساک اڳ ئي متاثر ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري کيس سزا نه ڏني وڃي.
جنهن تي جج ڪليئر فارنان چيو ته وارنر جي عالمي شهرت کي نظر ۾ رکندي ميڊيا ڪوريج جا امڪاني اثر هڪ متوقع هئا.
واضح رهي ته وارنر کي پاڪستان سپر ليگ ۾ کيڏي ايسٽر جي موڪلن دوران گهر موٽڻ وقت گرفتار ڪيو ويو هو.
سندس وڪيل موجب، وارنر هڪ تقريب ۾ شراب جا ٽي گلاس پيئڻ کانپوءِ اوچتو پنهنجي ڪٽنب کي گهر ڇڏڻ لاءِ پاڻ گاڏي هلائڻ جو فيصلو ڪيو.
عدالتي رڪارڊ موجب، بريٿ ٽيسٽ واري هنڌ ڏسي وارنر گاڏي روڪي ۽ هڪ عورت مسافر سان سيٽ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس کيس ڊرائيور طور سڃاڻي ورتو، ان کانپوءِ هن ٽيسٽ ۾ پوليس سان سهڪار ڪيو.
جج موجب، واقعي جي سنگيني ان ڪري به وڌي وئي، ڇاڪاڻ ته واقعي وقت وارنر جا ٻار به گاڏي ۾ موجود هئا.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته وارنربگ بيش ليگ ۾ سڊني ٿنڊر جي ڪپتاني به خطري ۾ اچي سگهي ٿي.
سڊني ٿنڊر ۽ سڊني سڪسرز شراب پي گاڏي هلائڻ خلاف رياستي حڪومت جي مهم جو حصو آهن.
جج ڪليئر فارنان چيو ته وارنر ٻيهر اهڙو ڏوهه ڪرڻ جو امڪان گهٽ آهي، پر شراب پي گاڏي هلائڻ نيو سائوٿ ويلز ۾ ڪيترن ئي حادثن جو اهم ڪارڻ آهي، تنهن ڪري عوام کي روڪڻ ضروري آهي.
”وارنر نشي ۾ ڌُت هو، پوليس چوڪي ڏسي سيٽ مٽائڻ جي ڪوشش ڪيائين“آسٽريلوي عدالت ڪرڪيٽر کي سزا ٻڌائي ڇڏي
You might also like