گال ٽيسٽ: چنديمل زخمي، سريلنڪا متبادل طور پاسندو بندارا کي شامل ڪري ورتو

گال (ويب ڊيسڪ) ڀارت خلاف گال ۾ جاري پهرين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا جو تجربيڪار بيٽر ڊينش چنديمل فيلڊنگ دوران ڪلهي ۽ ڳچيءَ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ميچ مان ٻاهر ٿي ويو، جنهن کانپوءِ پاسندو سوريا بندارا کي ڪنسڪشن سب طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
چنديمل ليگ سائڊ بائونڊري تي ڪي ايل راهول جي شاٽ روڪڻ لاءِ ڊائيو هنئي، جنهن دوران هو ڪلهي ڀر ڪِري پيو ۽ سندس ڳچيءَ ۽ ڪلهي تي ڌڪ لڳپ.
واقعي کانپوءِ چنديمل کي اسپتال نيو ويو، جتي سندس احتياطي طور اسڪين ڪرايو ويو، جنهن بابت سريلنڪا ڪرڪيٽ ٻڌايو ته اسڪين ڪليئر آيو ۽ اندروني زخم جا ڪي به نشان نه مليا.
پاسندو سوريا بندارا کي ٻي اننگز جي ٻي سيشن جي پڄاڻيءَ تي ڪنسڪشن سب طور شامل ڪرڻ جي منظوري ملي، جنهن سان ئي سندس ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو پڻ ٿي ويو.
واضح رهي ته چنديمل ڀارت خلاف پهرين اننگز ۾ 4 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته سريلنڪا 284 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي ۽ ڀارت کي 178 رنسن جي سرسي حاصل ٿي هئي.
چنديمل جي متبادل طور شامل ٿيندڙ سوريا بندارا 68 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 54.36 جي شاندار بيٽنگ ايوريج سان 14 سينچريون ٺاهي چڪو آهي.

You might also like