ميڪئي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ کان اڳ آسٽريليا اوپنر جيڪ ويدرالڊ کي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪري سندس جاءِ تي ميٽ رينشا کي شامل ڪري ڇڏيو.
ڊارون ۾ پهرين ٽيسٽ دوران خراب ڪارڪردگي کانپوءِ ويدرالڊ کي ٽيم مان ڊارپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رينشا جي شموليت آسٽريليا جي 13 رڪني اسڪواڊ ۾ واحد تبديلي آهي.
ويدرالڊ پهرين ٽيسٽ ۾ 23 ۽ ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو هو. ڇهن ٽيسٽ ميچن ۾ سندس مجموعي رنسون 224 آهن ۽ بيٽنگ ايوريج 20.36 رهي آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا ٻن سٽن جي بيان ذريعي ويدرالڊ کي ڊراپ ڪرڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته ميٽ رينشا آسٽريليا لاءِ پنهنجي 15هين ٽيسٽ کيڏڻ جي اميد رکي ٿو.
هو 2023 کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ٽيم ۾ واپسي ڪندو، رينشا گذريل سيزن شيـفيلڊ شيلڊ ۾ 49.90 جي ايوريج سان رنسون ٺاهيون ۽ ٽي سينچريون اسڪور ڪيون.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ رينشا جي بيٽنگ ايوريج 29.31 آهي، جڏهن ته سندس بهترين اسڪور 184 رنسون آهي، جيڪو هن 2017ع ۾ پاڪستان خلاف ٺاهيو هو.
واضح رهي ته ويدرالڊ جي ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ ڊيوڊ وارنر جي 2024ع ۾ رٽائرمينٽ کان وٺي عثمان خواجا کانسواءِ آسٽريلوي ٽيم ست مختلف اوپنرن کي آزمائي چڪو آهي
ٽريوس هيڊ اوپننگ واري ذميواري جاري رکندو، جڏهن ته مارنس ليبوشين به پهرين ٽيسٽ ۾ 1 ۽ 31 رنسن جي ڪارڪردگي کانپوءِ دٻاءَ هيٺ آهي.
بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ آسٽريليا جي اسڪواڊ ۾ ٽريوس هيڊ، ميٽ رينشا، مارنس ليبوشين، اسٽيون سمٿ، ڪئمرون گرين، ايلڪس ڪيري، بيو ويبٽر، پيٽ ڪمنز (ڪپتان)، مچل اسٽارڪ، ناٿن لائن، جوش هيزل ووڊ، جوش انگلس ۽ اسڪاٽ بولينڊ شامل آهن.