لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم انگلينڊ خلاف اربع کان هيڊنگلي ۾ شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
بابراعظم کي بيڪنهام ۾ وارم اپ ميچ دوران ساڄي هٿ تي بال لڳي هو، جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو هو ۽ اڃا تائين مڪمل طور فٽ نه ٿي سگهيو آهي.
بابراعظم کي ساڳئي هٿ تي هلندڙ مهيني ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ دوران به بال لڳو هو.
پاڪستاني ڪوچ سرفراز احمد تصديق ڪئي آهي ته بابراعظم پهرين ٽيسٽ ميچ دستياب ناهي، جڏهن ته سلمان علي آغا پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي قيادت ڪندو.
انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ پهرين ٽيسٽ اربع (سڀاڻي) کان هيڊنگلي ۾ شروع ٿيندي.
You might also like