ڀارت گال ٽيسٽ کٽڻ کان رڳو 6 وڪيٽون پري، سريلنڪا کي 288 رنسون گهربل

گال (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ جاري پهرين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين سريلنڪا 372 رنسن جي هدف پٺيان ٻي اننگز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 84 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
سريلنڪا کي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 288 رنسون گهربل آهن، جڏهن ته ڀارت فتح کان رڳو 6 وڪيٽون پري آهي.
چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تي سريلنڪن ڪپتان ڌننجيا ڊي سلوا 31 ۽ سونل ڊينوشا 25 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.
ڀارتي بالرن مان مانوَ سوٽهڙ 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد سراج ۽ پراسيڌ ڪرشنا جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
ان کان اڳ ڀارت پهرين اننگز ۾ 462 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ديو دت پاڊيڪل شاندار 167 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪي ايل راهول 82، ڌروو جُوريل 51 ۽ رشڀ پنت 39 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا جي پراڀت جئسوريا 4، ڪيشرا نوانٿا 3، اسٿا فرنينڊو 2 ۽ هڪ وڪيٽ اي ايم فرنينڊو حاصل ڪئي.
سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 284 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ سونل ڊينوشا شاندار 100 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته نروشن ڊڪويلا 80 رنسون ٺاهيون، ڀارت کي 178 رنسن جي سرسي حاصل ٿي.
ڀارت ٻي اننگز ۾ 193 رنسون ٺاهي سريلنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ 372 رنسن جو هدف ڏنو، رشڀ پنت 66، ديو دت پاڊيڪل 44 ۽ ڪي ايل راهول 35 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ٻي اننگز ۾ اسٿا فرنينڊو 4، پراڀت جئسوريا 3، لاهيرو ڪمارا 2 ۽ ڪيشرا نوانٿا هڪ وڪيٽ ورتي.
چوٿين ڏينهن جي راند خراب روشني سبب وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي.

 

You might also like