تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آبناءِ هرمز جي تصوير شايع ڪرڻ تي ردعمل ڏنو آهي، جنهن تي آمريڪي صدر ”نئين آمريڪي سرزمين“ لکيو هو.
غريب آبادي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته آبناءِ هرمز بابت ٽرمپ جي غلط فهمي جلد ختم ٿي ويندي.
هن لکيو ته جلد ئي آبناءِ هرمز بابت ٽرمپ جي غلط فهمي يا ته پاڻمرادو ختم ٿي ويندي يا پوءِ اسان هن ورغلائيندڙ سوچ رکندڙ شخص جي غلط فهمي ختم ڪري ڇڏينداسين.
واضح رهي ته آمريڪي صدر اِها تصوير پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ آبناءِ هرمز، ايران جا ڪجهه علائقا، ايراني ۽ عماني نار جو نقشو ڏيکاريو ويو هو.
ٽرمپ آبناءِ هرمز کي آمريڪي علائقو قرار ڏئي ڇڏيو، جلد ٽرمپ جي اها ڀُل به ختم ڪري ڇڏينداسين: ايران
You might also like